پنجاب

آمريڪا سازش تحت چورن ٺڳن کي اسان تي مڙهيو: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا سازش تحت چورن ٺڳن کي مڙهيو، پاڪستان کي خودمختيار ۽ هڪ غيرتمند قوم بنائڻو آهي، وڪيل برادري حقيقي آزادي لاءِ نڪري پاڪستان جي تاريخ آهي، جيستائين وڪيل شامل نه ٿين تحريڪ ڪامياب ناهي ٿيندي. تحريڪ پاڪستان کي وڪيلن ڪامياب ڪرايو هو، حقيقي آزادي جي تحريڪ ۾ وڪيلن کي گڏجي ساٿ ڏيڻو آهي. لاهور ۾ وڪيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعطم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪائي تحريڪ ان وقت تائين ڪامياب ناهي ٿي جيستائين وڪيل ان ۾ شامل ناهن ٿيا، تحريڪ پاڪستان وڪيلن ڪامياب ڪئي، علامه اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح وڪيل هئا، آزاد عدليه جي تحريڪ جنهن لاءِ مان جيل به ويس، ان تحريڪ کي به وڪيلن ڪامياب ڪيو. پي ٽي آئي چيئرمين چيو ته پاڪستان جي حقيقي آزادي لاءِ مان اڄ سڀني وڪيلن کي دعوت ڏئي رهيو آهيان ته اوهان سڀني کي مون سان گڏ هن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻو آهي، آمريڪي سازش تحت رجيم چينج ڪري چورن ٺڳن کي اسان تي مڙهيو ويو، اسان سڀ ان کي رد ڪريون ٿا، غلامي نامنظور ڪريون ٿا. عمران خان چيو ته سمورن وڪيلن مون سان گڏجي منهنجي لاءِ نه پنهنجن ٻارڙن جي مستقبل لاءِ ملڪ کي آزاد، خودمختيار ملڪ ۽ غيرتمند قوم بڻائڻو آهي ۽ ان لاءِ مان توهان سڀني کي اسلام آباد اچڻ جي دعوت ڏئي رهيو آهيان. عمران خان چيو ته جمعي ڏينهن ملتان ۾ ٿيندڙ پي ٽي آئي جي جلسي ۾ اوهان سڀني کي شرڪت ڪرڻي آهي، مان اتي اوهان سڀني کي ڏسڻ چاهيان ٿو، مان جلسي ۾ اوهان سڀني کي اسلام آباد اچڻ جي تاريخ ڏيندس ۽ اوهان سڀني کي اتي اچڻو آهي. عمران خان چيو ته اسان پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي پرامن احتجاج ڪرڻ وڃي رهيا آهيون پر اسان تي مڙهيل ماڻهو پوري ڪوشش ڪندا ته اسان کي روڪين. هر طريقو استعمال ڪندا اسان کي روڪڻ لاءِ ان لاءِ اسان کي اوهان ماڻهن جي ضرورت آهي، مون کي پنهنجي وڪيلن جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button