عالمي

معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ آمريڪا جي بلاول ڀٽو کي خاطري

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ پنهنجي آمريڪي هم منصب اينٿوني بلنڪن، اٽلي جي پرڏيهي وزير وزير لويجي ڊي مايو ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اينٽونيوگوتريس سان ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته واپار ۽ سرمائيڪاري، توانائي ۽ موسمياتي تبديلي، صحت ۽ تعليم، آ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ سان گڏوگڏ آمريڪا کان امداد بدران وڌ کان وڌ واپاري لاڳاپن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ پنهنجي آمريڪي هم منصب اينٿوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ايڪسپريس نيوز موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ پنهنجي آمريڪي هم منصب اينٿوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران اينٿوني بلنڪن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي هڪ چئلينج آهي ۽ دنيا جا ڪيترائي علائقا خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار آهن، اسان ان کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. اينٿوني بلنڪن چيو ته خوراڪ جي عدم تحفظ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن پوري دنيا ۾ ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ آمريڪي ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ انتظاميه سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اينٿوني بلنڪن جي بيان تي ردعمل ڏيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپا وڌائڻ ۽ آمريڪي ڪاروباري ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. اسان آمريڪي حڪومت سان ملي پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ناتا بهتر بڻائڻ لا آمريڪي ۽ پاڪستاني سرمائيڪارن، ڪاروباري ماڻهن ۽ واپارين لا گڏجي موقعا پيدا ڪرڻ لا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ چاهيون ٿا. ملاقات بعد پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي ٻنهي ملڪن م اهم وسيع البنياد، جامع لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لا ٻه طرفي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته هن ملاقات دوران افغانستان سميت علائقائي امن ۽ سلامتي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته ملاقات دوران اسان خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لا گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته ٻنهي ڌرين واپار ۽ سرمائيڪاري، توانائي ۽ موسمياتي تبديلي، صحت ۽ تعليم، آ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ سان گڏوگڏ آمريڪا کان امداد بدران وڌ کان وڌ واپاري لاڳاپن جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪندي

ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي، نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ آفيس ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ انٽونيو گوتريس افغانستان جي صورتحال، ڪشمير مسئلي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان دوران پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي گهڻ رخي نوعيت ۽ گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪيو آهي ۽ هميشه انهن اصولن موجب عالمي مسئلن جي حل جي هميشه حمايت ڪئي آهي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ غير قانوني آبادياتي تبديلين جي سنگين صورتحال کي پڻ اجاگر ڪيو. آخر ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهش مطابق حل ڪرڻ تي زور ڏنو. ذريعن موجب پرڏيهي وزير اڄ گڏيل قومن جي زير اهتمام فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ٻئي پاسي آمريڪا پاڪستان جي نئين حڪومت کي معيشت جي بحاليءَ لاءِ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي چيو آهي ته خوشحال ۽ مستحڪم پاڪستان جي تعمير لاءِ سيڙپڪاري ۽ واپاري موقعن کي وڌائڻ جي طريقن تي ٻه طرفي ڪم جاري رهندو. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان چيو ته آمريڪا پاڪستان جي معيشت جي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪندو. اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان نجي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته آمريڪا هڪ خوشحال ۽ مستحڪم پاڪستان جي تعمير لاءِ سيڙپڪاري ۽ واپاري موقعن کي وڌائڻ جي طريقن تي ٻه طرفي ڪم جاري رکندو. پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي آمريڪي هم منصب سان مسلسل ملاقاتن جي تصديق ڪندي ترجمان چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ هلندڙ ڳالهين جي آجيان ڪري ٿو. بلاول ڀٽو زرداري اٽلي جي پرڏيهي وزير لويجي ڊي مايو سان ملاقات ڪئي، ان سان گڏوگڏ سي اين اين جي ڪرسٽيان امان پور کي انٽرويو ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button