اسلام آبادپاڪستان

شهبازشريف ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري مهم شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد :وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته تازو ئي پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي ڳڻتي آهي. سموريون صوبائي حڪومتون پوليو مهم تي خاص ڌيان ڏين. پوليو جي خاتمي لاءِ متاثر علائقن ۾ خاميون ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. سمورن اسٽيڪ هولڊرز وڏيون خدمتون نڀايون اربع تي شهبازشريف جي صدارت هيٺ قومي ٽاسڪ فورس پوليو روڪٿام جو اجلاس ٿيو، ملڪ ۾ ٽن پوليو ڪيسن جي رپورٽنگ کان پوءِ وزيراعظم هنگامي اجلاس گهرائي ورتو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب عبدالقادر پٽيل وڏو وزير مرادعلي شاهه، آزاد ڄمون ڪشمير جو وزيراعظم تنوير الياس، بلوچستان جي صهت وارو وزير احسن شاهه، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ پرڏيهي ادارن جانمائندا شريڪ ٿيا. جڏهن ته خيبرپختونخوا جو صحت وارو وزير تيمور سليم جڳهڙا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾بريفنگ ڏني وئي ته هن سال اپريل ۽ مئي ۾ 3 پوليو ڪيس اتر وزيرستان مان رپورٽ ٿيا. جڏهن ته فيبروري 2021 کان مارچ 2022 هڪ به پوليو ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو بريفنگ ۾ چيو ويو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه جا 25 ضلعا پوليو وائرس جي پکيڙ جي حوالي سان هاءِ رسڪ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button