سنڌ

ميرو خان ويجهو باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 4 گهر سڙي ويا

ميرو خان ويجهو باهه لڳڻ سبب چئن پورهيتن جا ڪکاوان گهر سڙي ويا. ميرو خان ويجهو ڳوٺ سائينداد لغاري ۾ باهه لڳڻ سبب چئن ڳوٺاڻن بلاول، ابل، پپن ۽ ببلو لغاري جا ڪکاوان گهر سڙي ويا. ان حوالي سان باهه متاثر پورهيت ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته هو منجهند وقت گهرن ۾ ستل هئا ته باهه ڪچن ۽ ڪکاون گهرن کي وڪوڙي وئي، جنهن سبب هو صرف جانيون ۽ چوپايو مال بچائي سگهيا آهن. جڏهن ته گهرن ۾ پيل اناج ۽ گهريلو سامان سڙي ويو ۽ هو هن وقت کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن. باهه متاثر ڳوٺاڻن تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سرندي وارن کي واهر جي اپيل ڪئي. ٻئي طرف اطلاع بعد ٽائون جي فائربرگيڊ پهتي پر باهه تيز هجڻ ڪري ڪنٽرول نه ٿي سگهيو ۽ ڳوٺاڻن جو وڌيڪ نقصان ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button