سنڌ

رستم جي ڪچي ۾ ڏڪ بند پوليس پوسٽ تي حملو، 4 پوليس اهلڪار اغوا

رستم جي ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڏڪ بند پوليس چيڪ پوسٽ تي 20 کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، هٿياربندن پرائيويٽ گارڊ ڪرم الله بڊاڻي ۽ چئن پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري کنڀي ويا. هٿياربندن پرائيويٽ گارڊ کي رستي ۾ ئي ڇڏي ڏنو. اغوا ٿيل اهلڪارن ۾ صابر ڀٽي، محمد عالم سومرو ۽ ٻن اهلڪارن جا نالا معلوم نه ٿي سگهيا. هٿياربند پوليس چوڪي تان پوليس جا هٿيار ۽ گوليون به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. جڏهن ته علائقي واسين چئن پوليس اهلڪارن جي اغوا جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. واقعي بعد شڪارپور پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور وڏا پوليس اٽالا ساڻ ڪري واردات واري هنڌ پهتا. پوليس ڪچي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪندي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي پر پوليس اهلڪار بازياب نه ٿي سگهيا. ذريعن موجب گذريل ڏينهن ناپر ڪوٽ پوليس جتوئي برادري جي چڱي مڙس عبدالحق بڊاڻي جي گهرواري نيبيلا خاتون کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو هو، جنهن جي بدلي ۾ بڊاڻي جتوئي برادري جي هٿياربندن پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪيو آهي. واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانئجي ويو. پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻجي وئي، پوليس اهلڪارن جي بازيابي لا راڄوڻي ڪوششون شروع ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button