پاڪستانخيبرپختونخوا

وزيرستان ۾ ڌماڪو، فوجي جوان شهيد، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

پشاور: خيبرپختونخوا جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪي سبب پاڪ فوج جو هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو آهي جڏهن ته اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي مڪين ۾ پاڪ فوج جي قافلي وٽ ڌماڪي جي نتيجي ۾ پنجاب جي ضلعي جهلم سان تعلق رکندڙ 39 ورهين جو حوالدار محمد سانور شهيد ٿي ويو. ان کان اڳ آءِ ايس پي آر جي بيان ۾ چيو ويو ته اتر وزيرستان ۾ ڳجهن اطلاعن تي سييڪورٽي فورسز طرفان آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button