پاڪستان

بلاول ڀٽو ۽ ترڪ پرڏيهي وزير جي ملاقات، لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي زور

نيويارڪ: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزير ميولوت ڪاوس اوغلو پنهنجي پهرين ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ ترڪ پرڏيهي وزير وچ ۾ عالمي فوڊ سيڪيورٽي کي درپيش خطرن بابت وزارتي ڪانفرنس دوران غير رسمي ملاقات ٿي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين معاشي سهڪار کي وڌائڻ ۽ پاڪ-ترڪ واپاري لاڳاپن کي ڀرپور نموني جاري رکڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن جي رفتار ۽ اعتماد کي برقرار رکڻ لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هن وقت قائم ڀائيواري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وچن ورجايو ته ترڪي سان لاڳاپن کي وسيع بنيادن تي جاري رکڻ لا پاڪستان ثابت قدم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه هن سال نومبر ۾ شاندار نموني ملهائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button