پاڪستانسنڌ

ٽنڊوڄام ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي بحالي لاءِ وٽرنري ڊاڪٽرن جو احتجاج

ٽنڊوڄام: سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ڊي وي ايم فيڪلٽي ٻاهران وٽرنري ڊاڪٽرن پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي بحالي لاءِ پُرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ڊاڪٽر عرفان علي ميمڻ، ڊاڪٽر نويد ٻرڙو، ڊاڪٽر سرفراز ويسر، ڊاڪٽر امجد کوکر ۽ ڊاڪٽر عبدالخالق ڪئي. فيميل ويٽرنري ڊاڪٽرز پاران ڊاڪٽر سيما گل، ڊاڪٽر فاريا، ڊاڪٽر مريم ڪئي. مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ فريش ڪميشن پاس وٽرنري آفيسرن شرڪت ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين جو چوڻ هو ته 2019 کان وٺي اسان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي متاثرين ۾ شمار آهيون. 6 ڊسمبر تي وٽرنري آفيسر جو رزلٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران پڌرو ڪيو ويو، جيڪو اڃا تائين اڌ سال گذرڻ باوجود لائيواسٽاڪ ڊپارٽمينٽ نه اماڙيو ويو آهي. هنن چيو ته اسان حڪومت سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته جلد کان جلد ڪميشن کولرائي اسان جي جائز مسئلي تي توجهه ڏئي نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button