پاڪستانسنڌ

بدين ۾ شاگرد سان بدفعلي جي ڪوشش، 2 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

بدين: بدين ۾ 5 سالن جي شاگرد سان بدفعلي جي ڪوشش جو ڪيس داخل، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، خبر موجب بدين جي وارڊ نمبر 6 ڳوٺ رحيم ڏنو سومرو جي رهواسي پنجين ڪلاس جي شاگرد سان بدفعلي جي ڪوشش جو ڪيس شاگرد جي مامي جي فرياد تي ماڊل ٿاڻي بدين تي ٻن جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته ڀاڻج گهر جو سيڌو سامان وٺڻ لاءِ نڪرڻ بعد غائب ٿي ويو، جنهن جي ڳولا ڪندي مير لکي ٽالپر جي جڳهه تي پهتاسين، جتي اسان کي ڏسي هڪ ڄڻو شهزاد ڪنڀار فرار ٿي ويو.

جڏهن ڀاڻج کي مير لکي جي جڳهه جي ڪمري مان هٿ ڪيو ته هن ٻڌايو ته جوابدر مير لکي ٽالپر ۽ شهزاد ٽالپر کيس مير لکي جي جڳهه ۾ واڙي ڪپڙا لاهي بدفعلي جي ڪوششن ڪئي ۽ دانهون ڪرڻ تي کيس جڳهه جي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو، اهڙو ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻئي پاسي نينگر جي وارثن جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button