پاڪستانسنڌ

ٽنڊو غلام علي ۾ رولو گڏھن شھرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو

ٽنڊو غلام علي: ٽنڊو غلام علي ۾ رولو گڏھن شھرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو، شهر جي ڪاروباري مرڪزن سميت مين روڊ تي رولو گڏھن جي تيزرفتار ڊوڙڻ سبب معصوم ٻارن ۽ عورتن جو ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي، انهي رولو گڏھن ۾ ڪافي گڏھن کي ڇتي پڻ جو مرض هجڻ ۽ ڪافي شھرين کي ڇتي گڏهن پاران چڪڻ سبب علائقي واسين ۾ سخت خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو آھي، شھرين پاران ٽائون ڪاميٽي جي لاڳاپيل عملي کي اهڙي فوري توجهه طلب مسئلي طرف ڌيان ڇڪائڻ جي باوجود انهن ٽائون عملي جي ڪن تي ڪا به جون نه سري آھي، شهرين وس وارن کي رولو گڏهن خلاف فوري جوڳا اپا وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button