پاڪستانسنڌ

مڪلي ۾ دوست سان ڪاوڙجي پوليس اهلڪار پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي

ٺٽو: مڪلي پوليس جي سپاهي شفيع ميمڻ پنھنجي دوست سان ڪنھن معمولي ڳالھه تان ڪاوڙجي پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي، کيس زخمي حالت ۾ سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتان نازڪ حالت ھجڻ ڪري کيس وڌيڪ علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتال ڏانھن روانو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٺٽو عديل چانڊيو چيو ته پوليس وردي ۾ ٺٽي لڳ بينظير بستي وٽ پوليس جي سپاهي شفيع ميمڻ پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي آهي، پوليس اهلڪار جي هڪ نينگر سان دوستي هئي، ڇوڪر دوست پاران کانئس پئسا گهرڻ تي هن ڪاوڙجي پاڻ تي فائر ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي ٺٽو عديل چانڊيو موجب زخمي اهلڪار کي پيٽ مان گولي ڪراس ڪري ويئي آھي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آھي، مڪلي پوليس موجب زخمي پوليس اھلڪار جي دوست کي حراست ۾ ورتو آھي، جنھن کان پڇاڳاڇا جو سلسلو جاري آھي. ٻئي طرف زخمي پوليس اھلڪار جي وارثن جو چوڻ آھي ته شفيع ميمڻ ڪجھه ڏينھن کان وٺي ڪافي پريشان ھو ۽ گذريل رات گھر به نه آيو، ڪجھه ماڻھو کيس بليڪ ميل ڪري رھيا ھئا، جنھن ڪري ٿي سگھي ٿو ته ھن اھڙو قدم کنيو ھجي، ھنن اعليٰ اختيارين کان صحيح جاچ ڪرائي انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button