سنڌ

گڏاپ ۾ برساتي پاڻي کي روڪڻ لاءِ بند ٽن سالن کان ٽٽل

گڏاپ جي واڻ ڪنڊ نديءَ تي برساتي پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند 3 سالن کان ٽٽل آهي، جنهن کي ٻيهر جوڙائڻ جي لاءِ ڊسٽرڪٽ ملير جي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي، جنهن سبب گذريل ٽن سالن کان وٺي واڻ ڪنڊ ندي جو پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو، پاڻي ضايع ٿيڻ جي ڪري علائقي جي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي توڙي زراعت کان محروم ٿي وڃن ٿا. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته 15 سال اڳ واڻ ڪنڊ ندي تي ناقص مٽيريل سان ڊيم ٺاهيو ويو هو، ان وقت به اسان ڊيم ٺاهيندڙ ٺيڪيدارن ۽ انجنيئرن اڳيان دانهون ڪيون پر اسان جي هڪ به نه ٻڌي وئي، ڪجهه سال ڊيم هلڻ کانپوءِ ڊيم ٽٽي ويو، ڊيم ٽٽڻ جي ڪري برساتي پاڻي جمع نه ٿو ٿئي، واڻ ڪنڊ ندي پهاڙن جي وچان گذري ٿي جتي برسات جو پاڻي جام اچي ٿو، ڳوٺاڻن جي ضرورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڊيم ٺاهيو ويو هو، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان ٽٽل آهي پر ڊپٽي ڪمشنر ملير، ايم اين اي، ايم پي اي توڙي سنڌ سرڪار ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي. اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ڊيم جي مرمت ڪرائي تڪليف مان ڪڍيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button