سنڌ

سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف جسقم جي سڏ تي مظاهرا،ريليون

سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف جسقم جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي، جنهن تي پنجاب قبضو ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب هر دور ۾ پنهنجن ڪيل معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ جو پاڻي ڦٻايو آھي، جيڪو عمل غير آئيني، غيرقانوني ۽ غيراخلاقي آھي، پاڻي نه هجڻ سبب سنڌ جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين غيرآباد ٿي وئي آهي. هنن چيو ته پنجاب پنهنجا ڪئنال سنڌو درياهه تي غيرقانوني ٺاهي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪري سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي، معشيت جي تباهي سبب ماڻھو خودڪشيون ڪري رهيا آھن. سنڌي ماڻھن کي پيئڻ جو صاف ۽ مٺو پاڻي ميسر ڪونهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button