سنڌ

خيرپور ۾ 3 ڄڻا ڌماڪيدار مادي سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوى

ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ پنھنجي آفيس ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٽن جوابدارن کي ڌماڪيدار مادي سميت گرفتار ڪري دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بنايو آهي. پنجاب کان ڪراچي طرف ڌماڪيدار مادو کڻي ويندڙ ٽرالر جو ڳجهو اطلاع مليو، قومي شاهراهه دعا چوڪ وٽ ناڪابندي ڪري چيڪنگ دوران ڄاڻايل ٽرالر هٿ آيو، جنهن مان وڏي تعداد ۾ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ۽ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي. هٿ ڪيل ڌماڪيدار مادي ۾ ڊيٽونيٽر نان اليڪٽرڪ 974 عدد، لائيٽ گولڊن ڪلر پلاسٽڪ ايڪسپلوزو 181 سليب، سيفٽي فيوز 10 عدد، ويٽا تار تقريبن هڪ هزار ميٽر هٿ ڪئي آهي. ھن چيو ته هٿ ڪيل مادو تمام گهڻو خطرناڪ آهي، جيڪو ڪنهن به دهشتگردي، ريلوي ٽريڪ، پل، بلڊنگ ۽ گاڏي وغيره کي بلاسٽ ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ھن چيو ته گرفتار جوابدارن ۾ نويد احمد پٽ فيض بخش چنڙ ويٺل ٽاميوالا ضلع بهاولپور، شاهزيب پٽ سرفراز خان پٺاڻ ويٺل سرگوڌا ۽ سيد قاسم خان پٽ سيد حڪيم پٺاڻ ويٺل ننڪانا صاحب شامل آھي، سينئر پوليس آفيسرن جي ٽيم گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button