خيرپورناٿن شاهه: خيرپورناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ بهادر پور ۾ 22 ڏينهن اڳ ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهھ تان جهيڙي دوران قتل ٿيل ٻن سڳن ڀائرن علي حيدر ۽ عبدالنبي شاهاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، جنهن خلاف وارثن انڊس ها وي کان پراڻي بس اسٽاپ تائين پيادل مارچ ڪري نٽھڻ اس ۾ ٻه ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي علي اصغر شاھاڻي، محمد نواز شاھاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏينھن ڏٺي جو علي حيدر ۽ عبدالنبي شاهاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، پر پوليس 22 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار سئوٽن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي، ايس ايس پي دادو عرفان سمون وٽ وياسين، جنھن قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڏياري پر ھن وقت تائين ھڪ قاتل به گرفتار ناھي ڪيو ويو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. ھنن جو وڌيڪ چيو ته جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته توهان کي ماري ٻوري ۾ بند ڪنداسين. هنن ھنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي حيدرآباد ۽ وسوارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي قاتلن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close