پاڪستانسنڌ

نئون ڳوٺ ۾ سرڪاري اسپتال تباهه، ڊاڪٽرياڻي به مقرر نه ٿي

نئون ڳوٺ: نئون ڳوٺ ۾ ڪروڙين رپين جي بجيٽ سان قائم ڪيل سرڪاري اسپتال تباهه ٿي وئي، جڏهن ته اسپتال مان پنکا ۽ ٻيو سامان به کڻي ويا، پر اختيارين نوٽيس نه ورتو. ان حوالي سان هتان جي رهواسين ٻڌايو ته سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرياڻي به مقرر ناهي، جنهن ڪري عورت مريضن کي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، چور اسپتال مان در، دريون، پنکا ۽ ٻيو سامان به کڻي ويا آهن، ڪمرا به تباهه ٿي ويا آهن، پر اختياريون نوٽيس وٺڻ لا تيار ناهن، اسپتال ۾ ڀرپاسي جي سئو ڳوٺن جا مريض اچن ٿا، جن کي گوري به نٿي ڏني وڃي، اسپتال ۾ صرف هڪ نرس پنهنجي ڊيوٽي نڀائي رهي آهي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري ڳورهاريون عورتون حيدرآباد نيئڻ دوران فوت ٿي وڃن ٿيون. هنن اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button