اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کان باغي ٿيل پنجاب اسيمبلي جي 25 ميمبرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب اسيمبلي جا ڦريل ميمبر تاحيات نااهلي کان بچي ويا. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي آرٽيڪل 63 اي جي تشريح جي روشني ۾ فيصلو ڏنو. ڪالهه اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي ۾ حمزا شهباز کي وڏي وزير جو ووٽ ڏيندڙ پي ٽي آءِ جي 25 باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪري ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن خلاف ريفرنس تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته اتفاق راءِ سان باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جا ميمبر حمزا شهباز کي ووٽ ڏئي باغي ٿيا. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ميمبرن وڏي وزير جي چونڊ ۾ مخالف ڌر جي اميدوار کي ووٽ ڏنو. مخالف ڌر جي اميدوار خلاف ووٽنگ انحرافي ثابت ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن انحراف ڪندڙ ميمبرن جي خلاف ووٽنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي مان منحرف ميمبرن جي رڪنيت ختم ڪئي پئي وڃي، انهن ميمبرن جون سيٽون هاڻي خالي آهن. الڪيشن ڪميشن پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي جن مميبرن کي ڊي سيٽ ڪيو ويو آهي، انهن 25 ميمبرن ۾ راجا صغير احمد، ملڪ غلام رسول سنگا، سعيد اڪبر خان، محمد اجمل، عليم خان، نذير جوهاڻ، محمد امين ذولقرنين، ملڪ نعمان لنگڙيال، محمد سلمان، زوار وڙائچ، نذير احمد خان، فدا حسين، زهرا بتول، محمد طاهر، عائشا نواز، ساجدا يوسف، هارون عمران گل، عظميٰ ڪاردار، ملڪ اسد، اعجاز مسيح، سبتين رضا، محسن عطا خان کوسو، ميان خالد محمود، مهر محمد اسلم ۽ فيصل حيات شامل آهن. اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي 25 ميمبرن خلاف ريفرنس منظور ڪندي انهن کي اسيمبلي جي سيٽن تان برطرف ڪيو. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي 3 رڪني بينچ گڏيل طور تي فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي طرفان منحرف ميمبرن خلاف موڪليل ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. انهن مان 5 ميمبرن جو تعلق عليم خان گروپ، 4 جو تعلق اسد کوکر گروپ ۽ 16 جو تعلق جهانگير ترين گروپ سان آهي. پي ٽي آءِ طرفان ڄاڻايل ريفرنس جي شنوائي دوران چيو ويو ته باغي ميمبرن ن ليگ جي اڳواڻ حمزا شهباز کي پارٽي جي فيصلي جي ابتڙ ووٽ ڏنو، ان ڪري منحرف ميمبرن پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، انهن کي هٽايو وڃي. ٻئي طرف منحرف ميمبرن پنهنجي دفاع ۾ چيو ته پي ٽي آءِ قيادت پنجاب اسيمبلي ۾ قائد ايوان بابت ڪا به هدايت ناهي ڏني. سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي تحت صدارتي ريفرنس جي معاملي تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته پارٽي پاليسي خلاف اسيمبلي جي منحرف ميمبر جي ووٽ کي ڳڻپ نه ڪيو ويندو. جڏهن ته تاحيات نااهلي يا نااهلي جي فيصلي جو پارليامينٽ جي صوابديد تي ڇڏيو ويو. ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جلد 25 منحرف ميمبرن جي ڊي سيٽنگ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. پي ٽي آءِ 5 مخصوص سيٽن لاءِ ميمبر نامزد ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکندي. اليڪشن ڪميشن 20 جنرل سيٽن تي ضمني چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪندي. جڏهن ته اختلافي ميمبرن جي ڊي سيٽنگ سبب خالي ٿيل 20 جنرل سيٽن تي ٻن مهينن ۾ چونڊون ڪرايون وينديون. واضح رهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن حمزه شهباز کي ووٽ ڏنو هو، جنهن تي پي ٽي آءِ پنهنجي ميمبرن خلاف ريفرنس اسپيڪر پنجاب اسيمبلي وٽ جمع ڪرايو هو. هي ريفرنس آرٽيڪل 63 اي تحت جمع ڪرايو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close