اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو چيني پرڏيهي وزير جي خاص دعوت تي اڄ چين جو دورو ڪندو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيني پرڏيهي وزير وانگ زي جي خاص دعوت تي اڄ 21 مئي تي چين جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مطابق پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جا اعليٰ عملدار پرڏيهي وزير جي وفد جو حصو هوندا. ترجمان مطابق دوري ۾ پرڏيهي وزير پنهنجي چيني هم منصب سان ڊگهي مشاورت ڪندو. ٻئي پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي خاص ڌيان سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن پاسن جو جائزو وٺندا. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تي اڳڀرائي، بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو فليگ شپ پروجيڪٽ تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻئي ڌريون اهم علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي به وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو پاڪستان جو دورو ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71هين سالگرهه جي موقعي تي به ٿيندو. اسٽيٽ قونصلر وانگ زي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪن جو خط لکيو هو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن هن کان اڳ 11 مئي 2022 تي ورچوئل ميٽنگ ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button