پاڪستانسنڌ

دادو ۾ فوتي کي ايمبولينس نه ملي، وارث لاش رڪشا ۾ کڻي ويا، وڊيو وائرل

دادو: دادو سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ، دل جي دوري سبب فوت ٿيندڙ کي ايمبولنس فراهم نه ٿي، جنهن سبب وارث فوتي جو لاش لوڊر رڪشا ذريعي کڻائي ويا. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن بعد شهرين دادو اسپتال جي انتظاميا جي اهڙي قدم جي نندا ڪئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن خداآباد جو رھواسي لونگ چانڊيو کي دل جو دورو پيو. جنهن سبب سول اسپتال آندو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو، اسپتال انتظاميا ايمبولنس فراهم نه ڪئي ته وارث لوڊر رڪشا ذريعي فوتي جو لاش اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button