پاڪستانسنڌ

سن مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لا ڪڙيو گهنور ۾ مظاهرو

ڪڙيو گھنور: سن مان 25 اپريل تي کنڀي گم ڪيل نوجوان عمران راهمون جي بازيابي لا ڪڙيو گهنور ۾ مظاهرو ڪيو ويو. سن مان 25 اپريل تي کنڀي گم ڪيل نوجوان عمران راهمون جي بازيابي لا سندس وارث عورتن ۽ ٻارن ڪڙيو گهنور ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي نوجوان عمران راھمون جي پي محمد يعقوب راھمون، ما آسي، ڀيڻ سڪينه، مرڪ راھمون، عبدالرزاق راھمون، رجب راھمون ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي. نوجوان جي ما ۽ پي روئيندي چيو ته پٽ بيگناهھ آھي، پٽ جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناہي، ھو اسڪول جو شاگرد آھي، سن ورسي تي دوستن سان گھمڻ سانگي ويو ھو، پر واپسي تي کيس سن ٻاهران کنڀي گم ڪيو ويو آھي، 26 ڏينهن گذري ويا آھن، پر عمران راھمون جي ڪا خبر ناہي پئي. اسان عمران جا والدين بيمار آهيون، هڪ ڀيڻ دل جي مريض آهي، عمران جي گم ٿيڻ سبب پريشان آهيون. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جو ۽ اسان جي پٽ جو ڪنهن به پارٽي سان واسطو ناهي، جيڪڏهن عمران راھمون ڪنهن ڏوھه ملوث آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ھنن هٿ ٻڌي چيف جسٽس آف پاڪستان، آرمي چيف ۽ انساني حقن جي عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته بيگناھه پٽ عمران راھمون کي ظاھر ڪري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button