عثمان شاھه ھڙي: آبپاشي ايجنيئر هالا ڊويزن طارق احمد ڪيهر رينجرس ۽ کاتي جي عملدارن سان گڏ ڄام برانچ تي آپريشن ڪري غيرقانوني طور پاڻي وهيندڙ 7 واٽر ڪورسن کي سيل ڪري ڇڏيو ۽ پوليس کي قدم کڻڻ لا ليٽر جاري ڪري ڇڏيا. ان موقعي آبپاشي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته جن زميندارن جي واٽر ڪورسن کي سيل ڪيو آهي، انهن ۾ مشتاق رند، قاضي نعيم، ايوب، رحيم خاصخيلي، نثار آرائين، بابو ٻرڙو ۽ نور محمد ڏيٿو شامل آھن. آبپاشي ايجنيئر طارق ڪيهر ٻڌايو ته پاڻي چوري جي روڪٿام سان سمورين شاخن جي ٽيل تائين پاڻي پهچي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close