پاڪستانسنڌ

ڪڙيو گهنور لڳ ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڪڙيو گھنور: ڪڙيوگھنور ويجھو ڳوٺ حاجي ليمون نوتڪاڻي ۾ 18 ورھين جو نوجوان محمد يامين پٽ مجيد نوتڪاڻي بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. نوجوان محمد يامين نوتڪاڻي گھر ۾ فرج جي خراب ٿيل تار کي ٺيڪ ڪري رھيو ته کيس ڪرنٽ لڳو، نوجوان کي ترت ڪڙيو گھنور ھيلٿ سينٽر ۾ طبي امداد لاءِ پهچايو ويو، پر سھولتن ۽ دوائن جي کوٽ سبب کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ بدين انڊس اسپتال نيو ويو، پر نوجوان رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. نوجوان جو مڙھه ڳوٺ پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، نوجوان کي اباڻي قبرستان حضرت خليفه محمود فقير ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button