اسلام آباد :قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي ميمبر راجا رياض جي ايوان ۾ مخالف ڌر اڳواڻ طور منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب راجا رياض کي 16 ميمبرن جي حمايت حاصل هئي، جنهن کانپوءِ سندس مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ طرفان باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. اپوزيشن ليڊر جي عهدي لاءِ راجا رياض 16 جڏهن ته جي ڊي اي جي غوث بخش خان مهر 6 ميمبرن جي صحيحين سان درخواست جمع ڪرائي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قومي اسيمبلي 2007ع جي ضابطن ۽ قاعدي 39 تحت حاصل اختيار استعمال ڪندي اپوزيشن ليڊر جي مقرري جي منظوري ڏني. اپوزيشن ليڊر لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ جمعي جي شام 3 وڳي مقرر ڪئي وئي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close