اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان پنجاب حڪومت تي اثر نه پوندو:وفاقي سرڪار

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن طرفان پنجاب اسيمبلي جي باغي ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي ۽ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته باغي ميمبر فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جو حق رکن ٿا. 25 ميمبرن جي ڊي سيٽ ٿيڻ سان پنجاب حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته عمران خان هڪ هفتو پهريان اليڪشن ڪمشنر کان استعيفيٰ گهري رهيو، اڄ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي دهل وڄايا پيا وڃن. اليڪشن ڪميشن جو 25 باغي ميمبرن بابت فيصلو آيو آهي پر پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ ۽ اتحادين جو انگ پورو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته 25 ميمبرن کي ڏينهن جي روشني ۾ عمران خان جي مهانگائي واري پاليسي جي خلاف ويندي ن ليگ کي ووٽ ڏنو آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هن ڪيس جو فيصلو ته هڪ مهيني ۾ اچي ويو پر فارن فنڊنگ جو 8 سالن کان شنوائي هيٺ آهي، ان جو فيصلو به ڪيو وڃي. ان ڪيس ۾ عمران خان سميت سڄي پي ٽي آءِ قيادت نااهل ٿيڻ گهرجي. هڪ هفتو پهريان عمران خان اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪري رهيو هو، آئين جي وقار لاءِ عدالتون کليون ته انهن کي ڌمڪيون ڏيڻ لڳا. هي 25 باغي ميمبر نتيجي بابت ڄاڻن پيا، اڄ 25 ڊي سيٽ ناهن ٿيا پر عمران خان جي منهن تي 25 چماٽو لڳيون آهن. باغي ميمبرن عمران خان جي پالسي سان بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو. مريم اورنگزيب چيو آهي ته تازو ئي دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان جو نئين سر جائزو ورتو پيو وڃي. دهشتگردي تي وفاق پاليسي ليول ۽ لا انفورسمينٽ ايجنسين تي ڳالهه ڪري سگهي ٿو. هڪ شخص پنهنجي ضد تڪبر ۽ انا جي ڪري پاڻي، پوليو ۽ دهشتگردي جي مسئلن تي وفاق جي آڪاين سان ڳالهائڻ به سٺو نه سمجهندو هو. سومر يا اڱاري تي ڪائونٽر ٽريريزم اٿارٽي جو اجلاس ٿيندو. جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته نيشنل ڪائونٽر ٽريريزم اٿارٽي جو گذريل چئن سالن ۾ هڪ به اجلاس ناهي ٿيو. 2014 ۽ 2015 ۾ ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف نيشنل سيڪيورٽي پاليسي ڏني. اي پي ايس واقعي کان پوءِ نيشنل ايڪشن پلان پوري پارليامينٽ مان منظور ٿيو. وفاقي وزير چيو ته نيشنل ايڪشن پلان اندر دهشتگردي جي حوالي سان صوبن جي ڪردار جو هڪ طريقيڪار جوڙيو ويو هو. وفاقي وزير چيو ته شهبازشريف دهشتگردي جي حوالي سان ڪراچي ۾ هڪ ميٽنگ اڳ ڪري چڪو آهي. نيڪٽا کي ٻيهر کان ري وائيو ڪيو پيو وڃي، ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي کي وزيراعظم چيئر ڪري ٿو، ان جي اجلاس لاءِ گهرو وزارت سمورو انفرااسٽريڪچر مڪمل ڪري ورتو آهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڻي بابت مسئلن تي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي ميٽنگ ايندڙ هفتي ٿيندي. وزيراعظم اجلاس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button