اسلام آباد : مالي سال 23-2022ع جي وفاقي بجيٽ 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف 10 جون تي وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ان جو نوٽيفيڪشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب 10 جون تي ئي وفاقي بجيٽ سينيٽ ڏانهن اماڻي ويندي. ناڻي واري سيڪريٽري ڪابينا سيڪريٽري کي خط لکيو آهي ته بجيٽ تجويزن جي منظوري لاءِ ڪابينا جو اجلاس 10 جون تي سڏايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close