جوھي (ن، سنڌ ايڪسپريس) جوھي جي سينيئر صحافي غلام رسول ٿھيم جي پٽن ۽ صحافي نجيب ٿھيم جي ڀائرن فرحان ٿھيم ۽ اسد ٿھيم تي ٿھيم پاڙي ۾ ٻن اوباش ڀائرن حملو ڪري اسد ٿھيم کي مارڪٽ ڪئي. ان حوالي سان صحافي غلام رسول ٿهيم ٻڌايو ته پنجين ڪلاس جي شاگرد فرحان ٿهيم کي شھر جي باھوٽا محلي جو رھواسي اياز عرف ٻوڙو ڪافي عرصي کان تنگ ڪندو آهي، جنھن جي دانھن سندس پي غلام حيدر باھوٽو کي به ڏني، پر پو اياز باھوٽي فرحان ٿھيم کي نياپو موڪليو ته مون سان دوستي رک نه ته توکي گھر کان ٻاھر نڪرڻ نه ڏيندس، اهڙي دانهن اياز جي ڀا کي ڏني ته هنن اسد ٿهيم کي تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي رپورٽ ٿاڻي تي ڏني آهي، پر پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪئي. ٻئي طرف صحافي غلام رسول ٿھيم، امر لاشاري، ولي چانڊيو، صابر ڀنڊ، نظام شيخ، گلڻ ڀنڊ، سرور جلال سولنگي ۽ ٻين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙ اوباشن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close