اسلام آبادپاڪستان

درآمد منصوبو ڏيندڙ ڪمپنين کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني ويندي:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پاڪستان ۾ڪم ڪندڙ پرڏيهي ملٽي نيشنل ڪمپنين کي چيو آهي ته ايڪسپورٽ جو ڪوئي منصوبو پيش ڪريو ۽ کين ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ناڻي واري وزير ٽيوٽر بيان ۾ پاڪستان ۾ ٽيڪس جي مد ۾ ڳري رقم ادا ڪرڻ، روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ ٽيڪنالوجي آڻڻ تي ملٽي نيشنل ڪمپنين جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته مان انهن سڀني کي درخواست ڪيان ٿو ته اهي مون کي پاڪستان کان ٻاهر ايڪسپورٽ ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪن. مان ان لاءِ کين ٽيڪس ۾ ڇوٽ فراهم ڪندس. ناڻي واري وزير جو هي بيان ان وقت آيو، جڏهن حڪومت غير ضروري لگري شيون ٻاهران گهرائڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي ۽ ناڻي متا سٽا جا ذخيرا به گهٽ ٿي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button