لاڙڪاڻي ويجهو ماهوٽا ٿاڻي جي حد ٽڳڙ ريلوي ڦاٽڪ وٽ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي 29 ورهين جي نوجوان واجد ميراڻي ۽ سندس دوست ڪامران آگاڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان واجد ميراڻي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هوڏانهن وارثن پوليس سان گڏ لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ مارچري آندو جتي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ڊيوٽي جي غير موجودگيءَ سبب پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ خلاف وارثن احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي پيءُ علي بخش ميراڻي ٻڌايو ته اسان جو مائٽن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، منهنجو پٽ واجد ميراني پنهنجي دوست ڪامران سان گڏجي ٽماٽن جي مزدوري تي وڃي رهيو هو ته ٽڳڙ ريلوي ڦاٽڪ وٽ شاهنواز ميربحر، افروز ميربحر ساٿين سان گڏجي گوليون هڻي پٽ کي قتل ۽ سندس دوست کي زخمي ڪيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري پٽ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف واقعي جي اطلاع تي ايس ايڇ او ماهوٽا سب انسپيڪٽر سجاد احمد ڀٽي بروقت ڪارروائي ڪري قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن جي سڃاڻپ شاهنواز ولد پناهه ميربحر طور ٿي آهي، جنهن وٽان قتل ۾ استعمال ڪيل پسٽل به هٿ ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ کانئنس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون. هوڏانهن پوسٽ مارٽم بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close