سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جي قتل ۾ نامزد جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد سرهيه پڌر ۾ ٻه ڏينهن اڳ معمولي ڳالهه تان قتل ٿيل نئون ديرو واسي نوجوان منصور ميراڻي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار بگن عرف ببلو ڪلهوڙو کي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٿرڊ سول جج ۽ جڊيشنل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کيس 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان مارڪيٽ پوليس ٻڌايو ته عدالت مان جوابدار جو 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ڪيس ۾ نامزد نامعلوم عورت جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جلد ان کي به گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ٻئي طرف رمانڊ بعد جوابدار کي مارڪيٽ ٿاڻي تي آندو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button