سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن ملازم جي گهران چوري خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي وليد ٿاڻي غريب آباد مان ٽي ڏينهن اڳ پاپوليشن ملازم جي گهران ٿيل چوري واپس نه ڪرائڻ واري عمل خلاف رهواسين لب مهراڻ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي آپڪا ملازم محمد نواز ميمڻ، محمد شريف عمراڻي، آصف ميمڻ، خادم شابراڻي، عرفان سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته منهنجي گهر مان ٽي ڏينهن اڳ رات جي وقت اڻڄاتل چور گهر ۾ گهڙي 12 لک روڪ رقم ۽ 8 تولا سونا زيور، استري، سڃاڻپ ڪارڊ سميت ٻيو ضروري سامان چوري ڪري ويا. واقعي جو اطلاع حد جي وليد ٿاڻي پوليس کي ڏنو ويو پر ايس ايڇ او دلي جان مگسي هن وقت تائين چوري ٿيل سامان توڙي ملوث چورن کي گرفتار ناهي ڪري سگهيو. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button