سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ گرين اسٽارز پاران ٻيلن کي باهيون ڏيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ وڻڪاري جي مهم هلائيندڙ سماجي تنظيم لاڙڪاڻه گرين اسٽارز پاران ڪوهه سليمان، مرگلا، گلگت سميت سنڌ سميت جي مختلف علائقن ۾ ٻيلن کي باهيون ڏئي ساڙڻ واري واقعن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي تنظيم جي سرواڻ ذوالفقار مگسي، سجاد سومرو، اياز صديقي، دلمراد مگسي، حسنين سمون، شمن چانڊيو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ملڪ اندر ٻيلي کاتي جي لاپرواهي سبب ٻيلن کي باهيون ڏئي ساڙڻ وارن واقعن ۾ قيمتي وڻن جي سڙڻ سان گڏ ناياب جانور سڙي ختم ٿي رهيا آهن، جڏهن ته وڻن ۽ ٻيلن جي ڪٽائي ۽ باهه جي واقعن ڪري جانورن جون چراهگاهون ختم ٿي رهيون آهن، جڏهن ته وڻن ۽ ٻيلن جي گهٽجڻ ڪري موسمياتي تبديلين ۾ اضافو ٿيڻ سبب برساتون نه پوڻ ڪري پاڻي جي شديد کوٽ ۽ خشڪ سالي خطره وڌي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button