پاڪستانپنجاب

شينهن کان پنجاب کسڻ وارو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويندو: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪجهه به ڪن، سندن شينهن کان پنجاب کسڻ وارو خواب ڀورا ڀورا ٿي ويندو. هن چيو ته صوبي کي فرح گوگيءَ جي ڦرلٽ ۽ تباهي جي حوالي ڪري ڇڏڻ تي سخت ڪاوڙ آهي، پنجاب وارا ايندڙ چونڊن ۾ حساب پورو ڪري ڇڏيندا. مريم نواز وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گاريون ڏيندڙ عمران خان ٿورو شرمسار ته ٿيو هوندو پر لڳي نٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button