سنڌ

”تحفظ ڏنو وڃي“ ڳڙهي وياسين ۾ جوڙي جو احتجاج

ڳڙھي ياسين ويجهو ڳوٺ رکيل جي وانڍ جي نوجوان شادي خان شر ۽ ڊکڻ جي ڳوٺ جاگير شر جي رهواسڻ نورجهان شيخ گهران نڪري ڪراچي ۾ نڪاح ڪري ڪيو آهي. ان موقعي تي نورجهان شيخ ڳالهائيندي چيو ته منهنجا والدين منهنجي شادي منهنجي مرضي خلاف ڪرائي رهيا هئا جيڪا مونکي پسند نه هئي، جنهن ڪري مان پنهنجي گهران نڪري شادي خان شر سان نڪاح ڪري عدالت ۾ بيان ڏنو آھي. شادي بعد منهنجا وارث پوليس معرفت منهنجي مڙس شادي خان شر ۽ ان جي مائٽن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي. هن ڊي آ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي ايس پي ڳڙھي ياسين کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آھي جنهن بعد اسان جا وارث اسان جي جان جا دشمن آھن. اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button