پاڪستانسنڌ

گدلاڻ کان پاڪ سمنڊ ماحولياتي بھتري جو بنيادي جز آھي: ميٽ فيرينس

ڪراچي: ڪراچي جي سامونڊي ڪناري جي صفائي ۽ ماحولياتي اثرن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آمريڪي قونصل خاني پاران شروع ڪيل “ماحوليات لاءِ راندين جو ڪردار” مھم جي پڄاڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. آمريڪي ڊپٽي قونصل جنرل ميٽ فيرينس پاڪستان جي مشھور رانديگرن ۽ شاگردن سان گڏ سمنڊ ڪناري سي ويو تي صفائي مھم ۾ حصو ورتو. ان موقعي تي حاجرا خان، اسد شفيق، جويريه خان، فيصل اقبال، سڪندر بخت ۽ اعظم خان سميت ٻيا رانديگر موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي قونصليٽ جنرل فيرينس چيو ته پاڪستان جي مشھور شخصيتن ۽ شاگردن سان گڏجي ماحولياتي تحفظ ۽ راندين جي سفارتڪاري ڪرڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي. گدلاڻ کان پاڪ ۽ صحتمند سمنڊ ماحولياتي بھتري جو بنيادي جز آھي. هاڻي اهو اڻٽر ٿي ويو آھي ته اسان پنھنجي ڀرپور صلاحيتن سان ھر اھو عمل ڪريون، جنھن ذريعي سمنڊ ۽ آبي حيات تي پوندڙ ماحولياتي اثرن کي گھٽائي سگھجي. ھر ماڻھو سامونڊي ڪناري تان گند ڪچرو ھٽائي سامونڊي جيوت جي تحفظ ۾ مدد مھيا ڪري سگھي ٿو. ڪرڪيٽر اسد شفيق ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ خطرن کي گھٽائڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. سمنڊ ڪناري جي صفائي ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن ۾ شاگرد ۽ آمريڪي مالي امداد سان ھلندڙ انگلش ايڪسيس مائيڪرو اسڪالرشپ ۽ انگلش ورڪس پروگرام پاس ڪندڙ شاگرد پڻ شامل هئا. ٻن سالن جو انگلش ايڪسيس مائيڪرو اسڪالرشپ پروگرام مالي طور پٺتي پيل گھراڻن سان تعلق رکندڙ 13 کان 16 سالن جي شاگردن کي ڪوچنگ ۽ ٻين سرگرمين ذريعي انگريزي ٻولي ۾ مھارت مهيا ڪري ٿو. ان کانسوا 18 کان 25 سالن جي نوجوانن کي انگريزي ٻولي جي سکيا ۽ فني مھارتون وڌائڻ لاءِ 6 مھينن جو ورچوئل پروگرام پڻ مھيا ڪيو ويندو آهي. ھن وقت ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ خيرپور ۾ ھي پروگرام ھلي رھيو آھي، جتي پٺتي پيل علائقن سان واسطو رکندڙ شاگردن کي سکيا ۽ تعليم ڏني ويندي آھي. شاگرد انگريزي ۽ جديد ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي جي مهارتن تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ مجموعي طور 240 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تربيت حاصل ڪندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button