پاڪستانسنڌ

ڪڙيوگھنور ويجهو پرائٔمري اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، احتجاج

ڪڙيوگھنور: ڪڙيوگھنور ويجهو ڳوٺ سردار حاجي گل محمد مھيري ۾ پرائٔمري اسڪول جي ڇت مان ڪالهه اوچتو چاپڙ ڪري پيا، جڏهن ته معصوم شاگرد معجزانه طور بچي ويا، ان سلسلي ۾ ڳوٺ جي رھواسين حاجي گھرام خان مھيري، واحد ڏنو مھيري، خان محمد مھيري، ميرمحمد مھيري ۽ ٻين واقعي واري ھنڌ پھچي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مذڪوره اسڪول جي عمارت ڪيتري وقت کان زبون حال بڻيل آهي، جنهن ڪري اسڪول جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي.

جنهن سبب ڪنهن وقت جاني نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي، ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن، حڪومت سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان گھر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ڳوٺ سردار حاجي گل محمد مھيري جي پرائٔمري اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائٔي وڃي ته جيئن شاگردن جون حياتيون محفوظ ٿيڻ سان گڏ تدريسي عمل جاري رھي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button