اسلام آبادپاڪستان

آمريڪا ۽ پاڪستان کي تلخين کان اڳتي نون رابطن ڏانهن وڌڻ گهرجي: بلاول ڀٽو

نيويارڪ: پرڏيهي معاملن واري وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان کي افغانستان جي معاملي تي ماضي جي تلخين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دور ۾ ڪيترن ئي سالن جي خراب لاڳاپن کان اڳتي وڌي لازمي طور تي نون رابطن ڏانهن وڌڻ گهرجي. آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته هن اعليٰ سطح جي سفارتڪارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي جنهن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان هڪ ڪلاڪ ملاقات به شامل آهي ۽ اها ملاقات حقيقت ۾ پهريون قدم آهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته پاڪستان هر سطح تي آمريڪا سان رابطن کي لازمي طور جاري رکندو. بلاول ڀٽو چيو ته سندس آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان ملاقات مثبت، نتيجو ۽ حوصلو ڏيندڙ هئي، وقت اچي ويو آهي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وسيع، گهرو ۽ نتيجا ڏيندڙ بڻايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آمريڪا پاڪستان کي افغانستان تي ماضي جي ڇڪتاڻ کان اڳتي وڌڻ گهرجي، افغانستان جي انساني بحران ۽ تباهه ٿيل معيشت سان فوري طور مقابلو ڪرڻ جي ضرورت آهي، افغان معيشت جي تباهي، افغانين، پاڪستان ۽ عالمي برداري لاءِ تباهي هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button