پاڪستانسنڌ

حيدر بخش جتوئي سنڌي قوم کي پنهنجي سڃاڻپ ڏني: ڪامريڊ اڪبر جتوئي

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي ۽ بابا سنڌ جي خاندان طرفان ملهايل ورسي ۾ سنڌ جي قوم پرست ڌرين پاران بابا سنڌ حيدر بخش جتوئي هاري، مزدور جدوجهد جو هيرو ۽ ووٽ وٺندڙ سياستدان مفاد پرست قرار ڏنو ويو، اهڙو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد ڀرسان سنڌ هاري ڪميٽي پاران بابا سنڌ حيدربخش جتوئي جي منعقد ڪيل 52 ورسي تقريب دوران ڪيو. ورسي تقريب کي سنڌ هاري ڪاميٽي جي سربراهه ڪامريڊ اڪبر جتوئي، ميرحيدرٽالپر، ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، محسن جويو، حبيب جتوئي، جان محمد جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته بابا سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي انگريز سرڪار جي ڪليڪٽري جي نوڪري کي لت هڻي سنڌ مظلوم عوام جو ڀرجهلو ٿيو.

هارين جي حقن لاءِ ٽينينسي ايڪٽ پاس ڪرايو ۽ ون يونٽ خلاف جرنل ايوب خان سامهون رڪ جي ديوار بڻجي ون يونٽ خلاف تحريڪ کي ڪامياب بڻايو. هنن چيو ته بابا سنڌ حيدربخش جتوئي انگريز سرڪار سميت سنڌي سماج جي وڏيرڪي سوچ خلاف سنڌ جي عوام ۾ شعور بيدار ڪيو. هن سنڌي قوم کي پنهنجي سڃاڻپ ڏني. هنن چيو ته بابائي سنڌ حيدربخش جتوئي جي فڪر کي اسان اڳتي کڻي هلڻ لاءِ نڪتا آهيون سنڌ جو عوام اسان جو ساٿ ڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button