پاڪستانسنڌ

سنڌ جي خوشحالي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فڪر ۾ آهي: سڄاڻ ڌريون

حيدرآباد: سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ايشيا جي عظيم انقلابي رهنما بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 52هين ورسي بابا سنڌ گرائونڊ ڪلهوڙا ڪالوني ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي جي صدارت ۾ ملهائي وئي. ورسي تقريب کي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڏاڍ، جبر کي للڪاريو. هن چيو ته سڀ کان وڏي جنگ ووٽ جي آهي، ووٽ جي طاقت سان ئي وڏيرن، ڀوتارن، پيرن، ميرن ۽ ملن کي شخصت ڏئي سگهون ٿا، سنڌ جي خوشحالي بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فڪر ۾ آهي، سنڌ جا ماڻهو جيستائين ڪامريڊ جي فڪر تي متحد ٿي جدوجهد نه ڪندا، تيستائين خوشحالي ممڪن ناهي. هن چيو ته هارين، مزدورن، پورهيتن، مسڪينن کي پنهنجا حق ڏيڻا پوندا، تڏهن ئي ملڪ خوشحال ٿيندو.

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اڄ سنڌ جا ماڻهو جيڪو ڳڀو کائي رهيا آهن، اهو بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد جو نتيجو آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هڪ ڪمٽمينٽ، سچائي سان اڏول ٿي پورهيتن هارين جي جنگ ڪندو رهيو، اڄ سنڌ کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي چيو ته سنڌ جا ماڻهو ڏکن، تڪليفن ۾ آهن، وقت جا حڪمران عياشي ڪري رهيا آهن، غريبن، پورهيتن جي هنن کي ڪابه پرواهه ناهي، سنڌ جي ماڻهن کي موجوده حڪمرانن مان جان ڇڏائڻي پوندي، هن وقت سنڌو درياهه تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جيڪو سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا. ماما يوسف لغاري چيو ته سنڌ هاري ڪاميٽي سان هر ڏکئي موڙ تي گڏ آهيون، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو اڻ ڇپيل مواد فوري طور ڇپرائي قوم آڏو آڻڻ جي ضرورت آهي، سندس فڪر کي صحيح نموني سان سنڌ جي ماڻهن ناهي سمجهيو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي حوالي سان ڳوٺ ڳوٺ ۾ پروگرام ڪرائي عوام ۾ سندس فڪر جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي.

هن چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ڪتاب ” جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ” جو نئون ڇاپو جلد ئي ڇپرايو وڃي. جيئي سنڌ محاذ جي خالق جوڻيجو چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ زبردست ڪردار ادا ڪيو، ون يونٽ خلاف هن سڀني ڌرين سان گڏجي هلچل هلائي، هن حوالي سان ون يونٽ جي گولڊن جوبلي جو پروگرام سڄي سنڌ ۾ ڪرائڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، سنڌ هاري ڪاميٽي جا دوست به سهڪار ڪن. هن چيو ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو ڪردار سنڌ جي ماڻهن لا فخر لائق آهي. هوڏانهن ورسي تقريب کي عوامي جمهوري پارٽي جي صدر سيد لعل شاهه، نصير مرزا، نيشنل پارٽي جي تاج مري، قومي راڳي بيدل مسرور، عوامي ورڪز پارٽي جي بخشل ٿلهو، وطن دوست جمهوري پارٽي جي عرض رتڙ، قانوندان ستار سرڪي، خليل قاضي، نهال عباسي، پورهيت مزاحمت جي نثار لغاري ۽ ٻين خطاب ڪيو اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته انسانيت کان مٿي ڪو نظريو ئي ناهي اهو فلسفو پورهيتن مزدور هارين جي خوشحالي آڻي. هنن چيو ته هن وقت سنڌ مٿان ون يونٽ کان به وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آهي، اسان کي پنهنجي وسيلن جا اختيار ناهن سنڌ جي دريا تي غيرقانوني قبضو ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي معاهدو سنڌ دشمن آهي، جنهن کي رد ڪريون ٿا. هنن چيو ته ڌرتي اسان جي ما آهي ۽ ما کي بچائڻ لا ڪنهن به حد تائين وڃي سگهون ٿا.

هنن چيو ته سنڌ مان ڌارين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي، ڌارين جا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائل رد ڪيا وڃن، سنڌ جي وسيلن جا مالڪ اسان سنڌي آهييون، ڪنهن به ڌاريي کي پاڻ مٿان مڙهڻ نه ڏينداسين. هنن چيو ته سنڌ ۾ زراعت مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي، ڀاڻ، ٻج، دوا جا اگهه هٿرادو وڌايا ويا آهن، رزعي شين جي اگهن ۾ فوري گهٽتائي ڪئي وڃي. ورسي تقريب دوران 28 نقاطي قراردادون اتفاق را سان منظور ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button