پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ پاڻي کوٽ ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن جي ريلي، ڌرڻو

ميهڙ: ميھڙ ۾ آبادگارن، ھارين ۽ ايس يو پي اڳواڻن جو پاڻي جي سخت کوٽ ۽ ڪڪول واهه، رائيس ڪينال مان نڪرندڙ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف سڪندر سوڍر، عمر تيوڻو، محمد قاسم خاصخيلي، معشوق ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي ميهڙ سي اين جي انڊس هاءِ وي تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مظاهرين پاڻي جي کوٽ، واهن ۽ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين نيشنل پريس ڪلب ميهڙ جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميهڙ ۾ سمورن شاخن واهن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آھي، پاڻي نه هجڻ ڪري ساريالو فصل نه ٿي سگھيو آهي. ھنن چيو ته مئي مھينو پورو ٿيڻ وارو آھي پر ھن وقت تائين واهن شاخن جي کاٽي نه ٿي سگھي آھي ۽ پاڻي پهچڻ مسئلو بڻيل آهي، پاڻي نه ھجڻ ڪري چوپايو مال مرڻ لڳو آھي. هنن چيو ته رائيس ڪينال مان نڪرندڙ واهن ڪڪول واهه سميت ٻين واهن جي کاٽي نه پئي ٿئي، ھڪ ھفتي اندر پاڻي نه پھتو ته عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏ انڊس ھا وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button