پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻو اسپتال ۾ ڳوٺاڻو فوت، ڊاڪٽرن تي لاپرواهي جا الزام

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ڀرسان موهن جو دڙو جي ڳوٺ بٺو شريف جي رهواسي پيرسن محمد وحيد پنهور کي وارثن پيٽ جي سور سبب چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ داخل ڪرايو، جتي هو فوت ٿي ويو، جنهن جي وارثن ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج پڻ ڪيو. ان موقعي تي فوتي جي پٽ محمد امين پنهور ٻڌايو ته پيءُ کي پيٽ ۾ سور پوڻ سبب ايمرجنسي وارڊ آندو، جتي بار بار ڊاڪٽرن کي علاج لاءِ چيو پر ڪنهن به مدد نه ڪئي، اسان غريبن بي يارو مددگار آهيون، ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ رڳو آفيس تائين محدود آهي، ڊاڪٽر جي غفلت سبب پي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته فوري نوٽيس وٺي عملي کان پڇاڻو ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اسپتال انتظاميا جي خاطري بعد وارث فوتي جو لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button