پاڪستانسنڌ

ڳڙهي خيرو ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان نوجوان قتل، 2 ڄڻا گرفتار

لاڙڪاڻو: ڳڙهي خيرو جي ٿاڻي تاجو ديرو جي حد ڳوٺ دائوجهانپور ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي 32 سالن جي شاهنواز بليدي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيوو جنهن کي سندس وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ آندوو جتي نوجوان علاج دوران فوت ٿي ويو. ان موقعي تي مقتول جي وارث ٻڌايو ته پراڻي تڪرار تان ميهر ڪورڪاڻي جي پٽن حملو ڪري اسان جي نوجوان کي گوليون هڻي زخمي ڪيو، جيڪو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي. هنن ٻڌايو ته واقعي جي اطلاع تي پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي، پر انهن خلاف ڪيس داخل ناهي ٿيو. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي پاسي مقتول جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا، جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button