پاڪستانسنڌ

ڌامراهه ڀرسان 20 کان وڌيڪ گهرن کي باهه، مينهون ۽ ٻڪريون سڙي ويون

لاڙڪاڻو: ڌامراهه ڀرسان ٿرڙي دين محمد ناريجو ۾ باهه لڳڻ سبب وڏيري علي اڪبر ناريجو، مير حسن ناريجو، سليم ناريجو، محمد نواز ناريجو سميت 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن جي گهرن کي باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ ڳوٺاڻن جو اَنُ، مينهون، ٻڪريون ۽ قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، باهه لڳڻ بعد عورتن، ٻارڙن ۽ مردن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا جيڪي پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن مان نڪري جان بچائي گهرن مان نڪري آيا، نتيجي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو، اطلاع باوجود نئون ديرو مان صرف هڪ فائر برگيڊ جي گاڏي پهتي، پر ڳوٺاڻا عملي سان گڏجي پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن. ان حوالي سان ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان جا 25 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا، جنهن ۾ ڳوٺاڻن جو اَنُ، مينهون، ٻڪريون ۽ قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي ۽ ٻارڙا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن پر چونڊيل نمائندن سميت ڪوبه عملدار ناهي پهتو، صرف هڪ فائر برگيڊ جي گاڏي پهتي آهي جيڪا باهه وسائڻ ۾ مصروف آهي. ٻئي پاسي باهه لڳڻ بابت ميڊيا تي خبرون نشر ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو مان فائربرگيڊ جون گاڏيون ۽ ايمبولينس واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ ڊاڪٽر جي ٽيم پڻ پهچي ڳوٺاڻن کي طبي امداد ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button