پاڪستانسنڌ

ڏاهلي ۾ جهيڙي جو زخمي پيرسن فوت، عمرڪوٽ ۾ لاش رکي ڌرڻو

عمرڪوٽ/ ڇاڇرو: ڏاهلي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل پيرسن حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو. وارثن لاش عمرڪوٽ ۾ رکي مظاهرو ڪيو. 5 ڏينهن اڳ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ محمد سميجو، سهراب سميجو، وسايو سميجو ۽ احمد سميجو 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا، جن مان 60 ورهين جو محمد سميجو حيدرآباد سول اسپتال ۾ گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو. مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ آسراڙيو جي رھواسي مقتول جي وارثن شريف سميجو،. آچار سميجو ۽ عرس سميجو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان لاش رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ قاتلن جي گرفتاري لا نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته جهيڙي جو کيمي جو پار ٿاڻي تي ڪيس به داخل ٿيل آهي، پر پوليس مقامي پٽيلن جي ونگار وهندي اڃان تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي ۽ جوابدار ڌمڪيون پيا ڏين، اسان غريبن سان وڏو ظلم ٿيو آهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي پيرسن کي بيگناهه قتل ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن جهيڙي ۾ زخمي ٿيل مقتول جي ٻن ڀائرن الهوسايو ۽ احمد سميجو ميڊيا اڳيان دانهون ڪندي چيو ته اسان جي گهرن اڳيان کاتي جي زمين تي بااثر قبضو ڪرڻ لاءِ گهرن تي چڙهائي ڪري لٺين ۽ ڪهاڙين سان حملو ڪري سمورن گهرڀاتين کي زخمي ڪيو ۽ اسان جي ڀاءُ کي قتل ڪيو، پوليس مک جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button