سنڌ

مورو ۾ شادي تقريب دوران فائرنگ،گهوٽ جو پي فوت،2 ڄڻا زخمي

مورو جي ڳوٺ درس ۾ رات دير سان نوجوان دلبر ابڙو جي شادي تقريب دوران خوشيءَ ۾ فائرنگ سبب گھوٽ جو پيءُ محمد عثمان ابڙو، ننڍڙو گھوٽ علي ابڙو ۽ نوجوان محمد يعقوب ابڙو گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا، جن کي مورو اسپتال آندو ويو، جتي جتي گھوٽ جو پيءُ محمد عثمان ابڙو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. جڏھن ته ننڍڙي گھوٽ علي ابڙو ۽ نوجوان محمد يعقوب ابڙو کي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان محمد يعقوب ابڙو جي حالت به نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. ھوڏانھن اھڙي اطلاع تي درس پوليس پھچي تفصيل ورتا ۽ واقعي جي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي. ان موقعي تي فوت ٿيندڙ ۽ زخمي ٿيندڙن جي وارثن چيو ته دلبر ابڙو جي شادي تقريب ھئي، خوشي ۾ پسٽل چيمبر ڪرڻ دوران فائر ٿي ويا، جيڪي سامھون ويٺل گھوٽ جي پيءُ محمد عثمان ابڙو، ڄاڃي محمد يعقوب پٽ لال بخش ابڙو ۽ ننڍڙي گھوٽ علي پٽ شھزادو ابڙو کي لڳا، جيڪي زخمي ٿي پيا ۽ گھوٽ جو پيءُ فوت ٿي ويو آهي..

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button