سنڌ

جروار ۾ پوليس چڙهائي،تشدد بعد 4 مينهون ڪاهي وئي

جروار پوليس ڳوٺ گل محمد ملڪ تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن مٿان مبينا تشدد ڪري تلاشي وٺڻ کانپو پوليس منير ملڪ ۽ انور ملڪ جي گهران چار مينهون ڪاهي وئي. هوڏانهن پوليس جي اهڙي عمل خلاف ڳوٺ جي عورتن مائي سهاڳڻ ملڪ ۽ ٻن پاڪ ڪتاب کڻي جروار پوليس خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته پوليس بناجواز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري ٿي. اڳ ۾ پوليس هڪ ٽريڪٽر، 2 رڪشا موٽر ڪاهي وئي. اڄ به گهرن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪري چار مينهون ڪاهي وئي آھي. پوليس ناحق اسان غريبن مٿان ظلم ڪري ٿي. هنن انصاف جي گهر ڪئي. هوڏانهن جروار پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ جروار شھر مان خالد بوزدار جون 30 ٻڪريون چور ڪاهي ويا هئا، کوجي ڪتن پير کڻي گهرن ۾ هنيا. ڪيس ۾ مکڻو ملڪ ۽ ٻيا گهربل آھن. انهن جي گرفتاري لا وياسين پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button