پاڪستانسنڌ

جهوڪ شريف ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات جي وڪرو خلاف نوجوانن جو احتجاجي مظاهرو

جهوڪ شريف: ميرپوربٺورو تعلقي جي سمورن مک شهرن ميرپوربٺورو، دڙو، جھوڪ شريف، ٻنون، جاتي چوڪ، لائقپور ۽ محمودا اسٽاپ سميت آس پاس وارن علائقن ۾ وات ۽ ڳلي جي ڪينسر جي علامت بڻيل زھريلن گٽڪن ۽ مين پڙين ۽ مٺي زهر آئيس ۽ ھيروئن سميت ھر قسم جي منشيات جي وڏي پئماني تي وڪري خلاف متحرڪ نوجوانن پاران قائم ڪيل منشيات روڪ تحريڪ جي پاران جھوڪ شريف ۾ پوليس ٿاڻي اڳيان آڪاش زئور، رشيد آزاد سومرو، وحيد حيدر زئور ، حاصل جتوئي، جبار زئور، اصغر ميمڻ صوفي رسول بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ نوجوانن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپوربٺورو تعلقي ۾ وات ۽ ڳلي جي ڪينسر جي علامت بڻيل زھريلن گٽڪن ۽ مين پڙين سميت ھر قسم جي منشيات جي وڏي پئماني تي وڪري سبب وڏو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ وات ۽ ڳلي جي ڪينسر جا نه رڳو سوين ڪيس ظاهر ٿيا آهن پر ھڪ مھيني جي دوران 5 نوجوان پنھنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن، هنن چتا ڏيندي چيو ته گٽڪن ۽ مين پڙين سميت ھر قسم جي منشيات جو وڪرو بند نه ڪرايو ويو ته تعلقي ميرپوربٺورو جي سمورن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button