حيدرآباد: حيدرآباد ۾ پوليس گهرن ۾ ڌاڙا هڻندڙ گينگ جي هڪ عورت سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري گهرن مان ڦر ڪيل رقم هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي، ساڳي گينگ سان واسطو رکندڙ پوليس هڪ جوابدار کي 4 ڏينهن اڳ مقابلي ۾ ماري ڇڏيو هو. ان سلسلي ۾ ايس پي هيڊڪوارٽر انيل حيدر پوليس هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته قاسم آباد، لطيف آباد سميت مختلف علائقن ۾ پنجاب مان اچي ڌاڙا هڻندڙ گينگ جو خاتمو آندو آهي. گينگ سان واسطو رکندڙ هڪ جوابدار مٺو عرف زوار حسين ايئرپورٽ چيڪ پوسٽ جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. جڏهن ته پوليس گينگ جي اهم جوابدار عابد عرف ڪريم بخش کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن جي قبضي مان ڦر ڪيل 9 لک روپيا پڻ هٿ ڪري ورتا آهن.
جنهن ۾ هڪ جوابدار عورت شريفان عرف لالي زال يوسف ۽ جوابدار معشوق پسيو کي به گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته وڏي ڪوشش کانپو گينگ جي جوابدارن کي پڪڙيو آهي. جوابدار پنجاب ۾ وارداتون ڪرڻ کانپو حيدرآباد کي نشانو بڻائي شهرين جي گهرن مان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا. جوابدارن جي قبضي مان 60 لک روڪ رقم، لکين روپين جي ماليت جو سون ۽ 20 لک ماليت جا جانور هٿ ڪيا ويا آهن. گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.