جاتي: پيپلزپارٽي ۾ شامل شيرازي ڀائرن پاران ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ پنھنجي اڪثريت وارن علائقن ۾ پنھنجي حامي اميدوارن کي پ پ ٽڪيٽون نه ملڻ جي صورت ۾ پ پ اميدوارن جي سامهون پنهنجا اميدوار بيهاري اليڪشن وڙھڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ايم اين اي اياز علي شاهه شيرازي سجاول جي ساحلي شھر جاتي ۾ شيرازي گروپ جي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي مڪاني چونڊن دوران پ پ جي اعليٰ قيادت پاران شيرازين جي اڪثريت وارن علائقن ۾ سندن حامي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ضلعي اندر ڀرپور نموني اليڪشن وڙھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.
ھن چيو ته اسان کي اميد آهي ته پ پ قيادت اسان جي اڪثريت وارن علائقن ۾ اسان جي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي، پيپلزپارٽي ۾ ضرور آھيون پر اسان جي اڪثريت وارن علائقن ۾ اسان جي اميدوارن کي ئي ٽڪيٽون ملڻ گهرجن، ان سلسلي ۾ پ پ سجاول جي ضلعي قيادت توڙي پارٽي جي اعليٰ قيادت سان ڳالهيون هلندڙ آھن، جيڪڏھن اسان جون ڳالهيون تسليم ڪري سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪئي وئي ته گڏجي اليڪشن وڙھنداسين، ھن چيو ته اسان پنھنجي وڏن کان وٺي ھتان جي عوام جي خدمت ڪندا پيا اچون ۽ ڪندا رهنداسين اسان جو مرڻ ۽ جيئڻ عوام سان آهي، ان ڪري اسان جي ڪاميابي يقيني آهي.