پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ رٽائرڊ ملازمن جو گروپ انشورنس لا مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ آل گورنمينٽ رٽائرڊ ايمپلائيز جي سڏ تي مختلف سرڪاري کاتن جي رٽائرڊ ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ ھٿن ۾ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن ڊاڪٽر دلدار لغاري، تاج بلوچ، نياز لغاري، ڪيول ميگھواڙ ۽ ٻين چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٽن صوبن رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پر بدقسمتي سان سنڌ سرڪار گروپ انشورنس جي رقم نٿي ڏي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. ھنن چيو ته وزيراعظم پاران پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، بينوئل فنڊ ۽ سن ڪوٽا بحال نه ٿيڻ سبب رٽائرڊ ملازم پريشان آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته رٽائرڊ ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button