پاڪستانپنجاب

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس، اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ فني بنيادن تي ختم

لاهور: پنجاب اسيمبلي جو هنگامي اجلاس ڪجهه منٽن جي ڪارروائي کانپوءِ 6 جون تائين ملتوي ڪيو ويو. پنجاب اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت چيئرمين پينل وسيم خان بادوزئي ڪئي ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن کي ايوان ۾ داخلا جي اطلاع لاءِ گھنٽيون وڄايون ويون پر اجلاس شروع ٿيڻ جي ڪجهه ئي دير 6 جون تائين ملتوي ڪيو ويو. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس رڳو 9 منٽ هلي سگھيو، محرڪ جي نه هجڻ تي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ اُڪلائي وئي. ذريعن موجب پينل آف چيئرمين محرڪ سميع الله خان جو نالو گهڙي گهڙي کنيو، بي اعتمادي رٿ جو محرڪ سميع الله اسيمبلي ۾ موجود نه هو، جنهن تي بي اعتمادي رٿ ختم ڪئي وئي. مسلم ليگ ن پاران چوڌري پرويز الاهي خلاف ٻيهر بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي. پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي رٿ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button